ڪراچي(ويب ڊيسڪ) افغانستان ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ وڏو اپ سيٽ ڪندي دفاعي چيمپئن انگلينڊ کي 69 رنز تان شڪست ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي. راشد خان ۽ مجيب ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون، محمد نبي 2 فاروقي ۽ نوين الحق هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 285 رنز جي ٽارگيٽ چيزڪندڙ انگلينڊ جي ٽيم کي شروع کان مشڪل ٿي، جوني بيئر اسٽوو 2 رنز ٺاهي ٻئي اوور ۾ فضل الحق فاروقي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، 33 جي مجموعي ۽ 11 جي ذاتي ڊيوڊ ملن 32 رنز ٺاهي محمد نبي جي بال تي ابراهيم زردان هٿان ڪيچ ٿيو، ڪپتان جوز بٽلر 9 رنز ٺاهي نوين الحق جي بال تي بولڊ ٿيو، ليم لونگ اسٽون 10 رنز ٺاهي راشد خان جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، 138 جي مجموعي اسڪور تي انگلينڊ جي 6هين وڪيٽ ڪري سيم ڪرن 10 رن ٺاهي محمد نبي جي بال تي رحمت شاهه هٿان ڪيچ ٿيو، ڪرس ووڪس 9 رنز ٺاهي ۾جيب جي بال تي بولڊ ٿيو، هيري بروڪس 66 رنز ٺاهي مجيب جي بال تي اڪرام هٿان ڪيچ ٿيو، 35 اوورز ۾ انگلينڊ جون 173 رنز تي 8 وڪيٽون ڪري پيون ۽ ميچ تي افغانستان جي گرپ قائم ٿي. اسڪور تي جو روٽ کي مجيب بولڊ ڪيو. عادل رشيد 13 بالن تي 20 رنز ٺاهي راشد خان جي بال تي محمد نبي هٿان ڪيچ ٿيوته انگلينڊ جي مايوسي وڌڻ لڳي. 41 هين اوور ۾ مارڪ ووڊ کي راشد خان بولڊ ڪري تاريخي فتح حاصل ڪئي ۽ انگلينڊ کي افغانستان 69 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. نئين دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيديم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. افغانستان جي ٽيم 49.5 اوورز ۾ 284 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڪرس ووڪس ۽ سيم ڪرن کي افعاني بيٽرز ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏنو جنهن بعد هنن چار چار اوور ئي ڪرايا. عادل رشيد 3، مارڪ ووڊ 2، ريس ٽوپلي، جو روٽ ۽ لونگ استون کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي. گرباز خان80 ۽ اڪرام عليخيل 58 رنز ٺاهيون، ابراهيم زدران 28، راشد خان 23، مجيب 28 ، عظمت الله 19۽ ڪپتان حشمت الله 14 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.
