شڪارپور(ن س) شڪارپور جي ايڊيشنل سيشن جج سميع الله قريشي نابالغ ڇوڪري کي زوري اغوا ڪري زنا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار علي حيدر منگي کي 20 سال قيد ۽ 14 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالتي حڪم موجب ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 2 سال وڌيڪ قيد ڪاٽيندو. شڪارپور جي نيو فوجداري ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر نمبر 124/2022 موجب ڄاڻايل جوابدار 24 ۽ 25 سيپٽمبر جي وچ واري رات ٽن هٿياربند ساٿين سان گڏ 17 سالن جي ڇوڪري مهڪ ڌيءَ شهزادو کي اغوا ڪري زوري زنا ڪئي. ڇوڪري جي ڀاءُ فهد شهزادو پاران داخل ڪرايل فرياد تي پوليس جوابدار علي حيدر منگي کي گرفتار ڪيو ۽ مٿس ڪيس هلايو ويو. عدالتي حڪم موجب مک جوابدار گرفتار آهي ۽ هن وقت جيل ۾ آهي، جڏهن ته سندس ساٿي جوابدار روپوش آهن. هن ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل طور اطهر امير پهوڙ، فريادي پاران ايڊووڪيٽ عقيل عباس سومرو ۽ جوابدار پاران اسد الله بروهي پيش ٿيا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ ۽ شهادتن جو جائزو وٺڻ بعد جوابدار کي سزا ٻڌائي. ياد رهي ته انساني حقن جي ڪميشن تازو پنهنجي بيان ۾ ملڪ اندر ريپ ڪيسز ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اهڙن ڪيسن جي فيصلن ۾ دير تي افسوس جو اظهار ڪيو هو.










