جيڪب آباد:(ن س) جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي کي ٽن هفتن ۾ ٻيو صدمو سندس نوجوان پٽ ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، مير زيد جکراڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو، زيد جکراڻي جو مڙهه ڪراچي کان جيڪب آباد منتقل ڪيو پيو وڃي، رات دير سان سندس تدفين ڪئي ويندي ياد رهي ته پيپلزپارٽي جو ايم اين اي اعجاز جکراڻي جو والد اڳوڻو ايم اين اي مير بابل جکراڻي 7 اپريل تي لاڏاڻو ڪري ويو هو، ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي جي نوجوان پٽ جي وڇوڙي تي جيڪب آباد ۾ ماحول سوڳوار بڻيل آهي.










