اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ سبب 10 شاگرد زخمي، 3 جي حالت نازڪ

مورو ( ايازعلي سولنگي ) ڳوٺ عبدالحميد پنجابي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ اوچتو ڌماڪي سان ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول ۾ پڙھندڙ ڏھ شاگرد زخمي ٿي پيا جن مان پهرئين درجي جا ٽي شاگرد مختيار علي، شھباز علي ۽ گلزار علي زرداري سخت زخمي ٿي پيا جنهن ڪري اسڪول ۾ شاگردن ۽ استادن ۾ ٿرٿلو مچي ويو انهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ اسڪول کان ٻاهر نڪري آيا زخمي شاگردن کي تعلقه اسپتال مورو آندو ويو جتي ٽنهي شاگردن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

مورو لڳ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب زخمي ٻارڙا، تصوير اسد ٻگهيو

ٻئي طرف اسڪول جي هيڊ ماستر مير محمد زرداري ۽ ٻين استادن چيو آھي ته هي اسڪول وڏي عرصي کان زبون حالت ۾ آھي اڳ ۾ به هن اسڪول جون ڀتيون ۽ چاپڙ ڪريا هئا جنهن ڪري شاگرد ۽ استاد پڻ زخمي ٿيا هئا اسڪول جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ تعليم کاتي جي صوبائي سيڪريٽري، ايجوڪيشن ورڪس سنڌ جي سيڪريٽري ۽ ضلع نوشھرو فيروز جي تعليم کاتي جي آفيسرن  کي درخواستون ڏيندا اچون پيا ۽ چوندا اچون پيا پر هن مهل تائين تدارڪ نه ٿيڻ ڪري هي واقعو پيش آيو آھي.

مورو لڳ اسڪول جي ڇت جا ڪريل چاپڙ، ملبو تصوير اسد ٻگهيو

ٽي شاگرد شديد زخمي ٿيا آھن ۽ باقي 7 معمولي زخمي هئا. ڪنهن به وقت وڏو جاني مالي نقصان ٿي سگهي ٿو. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ, تعليم کاتي جي صوبائي سيڪريٽري ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڳوٺ عبدالحميد پنجابي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ جي مرمت ڪرائي وڃي ته جيئن شاگردن ۽ استادن کي نقصان نه پهچي سگهي.

ڊي اي او سيڪنڊري رياض احمد اڄڻ ، تعلقہ آفيسر محمد ياسين جيسر ، يعقوب ڍلو ۽ ٻيا آفيسر اسڪول جي وزٽ دوران

پهنجو تبصرو موڪليو