ميڊرڊ(ويب ڊيسڪ)اسپين ۾ ٽي وي شو جي لائيو نشري دوران عورت صحافي کي هراسان ڪرڻ واري شخص کي گرفتار ڪيو ويو.اسپين جي خاتون صحافي IZABALDO کي ميڊرڊ ۾ ڦرلٽ واري واقعي جي لائيو رپورٽنگ ڪرڻ دوران هڪ شخص پاران هراسان ڪيو ويو. ان موقعي تي اسٽوڊيو ۾ موجود ميزبان صحافي کي حراسان ڪرڻ جي تصديق ڪندي ان شخص کي ڪئميرا تي آڻڻ لاءِ چيو پر حراسان ڪندڙ ڪئميرا تي بي رحميءَ سان مسڪرائيندو رهيو.اسپين جي هڪ ٽي وي چينل هراسان ڪرڻ واري واقعي کي ناقابل برداشت قرار ڏنو، جڏهن ته ليبر واري وزير چيو ته جوابدارن کي سزا ڏني ويندي.
