ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ بئنڪن تي 8 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڏنڊ وڌو آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل بيان موجب جولاءِ کان سيپٽمبر جي وچ ۾ 4 بئنڪن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ بئنڪن تي 8 ڪروڙ 31 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.اهي ڏنڊ اسٽيٽ بينڪ طرفان بينڪن تي فارن ايڪسچينج ۽ بينڪنگ سروسز جي حڪمن جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڪيا ويا.
