اسٽاڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڊيڪس 62 هزار جي حد پار

اسٽاڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انڊيڪس 62 هزار جي حد پار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 62 هزار کان وڌي ويو جيڪو پي ايس اي جي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي.اڄ 100 انڊيڪس ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ وڏي ريلي نظر آئي ۽ انڊيڪس 758 پوائنٽس وڌي 62449 تي پهچي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان مضبوط ڪاروبار جو رجحان رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هن وقت تائين 100 انڊيڪس ۾ 52.78 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو