ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ به تيزي اچي رهي آهي جتي 100 انڊيڪس 61 هزار جي سطح عبور ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 572 پوائنٽس جي واڌ سان 61 هزار 302 جي تاريخي سطح تي پهچي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 60730 پوائنٽس تي بند ٿيو.










