اسٽاڪ ايڪسچينج جو هفتو ڪاروبار لحاظ کان تاريخ ساز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هن ڀيري رڪارڊ ٽوڙ ڪاروباري هفتي رهيو.گذريل هفتي پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس 2,604 پوائنٽ حاصل ڪري 61,691 تي بند ڪيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 2780 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو،انڊيڪس هڪ ڪاروباري هفتي جي بلند ترين سطح 61779 ۽ 58999 جي گهٽ سطح تي پهچي ويو. هڪ هفتي دوران 3 ارب 12 ڪروڙ شيئرز جو واپار ٿيو جڏهن ته شيئرز مارڪيٽ ۾ هفتيوار 113 ارب رپين جو واپار ٿيو.هڪ هفتي دوران مارڪيٽ سرمائيداري ۾ 335 ارب رپين جو اضافو ٿيو ۽ ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ مارڪيٽ سرمائيداري 8885 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو