ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 51 هزار جي سطح عبور ڪري ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي جتي 100 انڊيڪس 540 پوائنٽن جي واڌ سان 51 هزار 272 تي پهچي ويو آهي.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 50,731 پوائنٽس تي بند ٿيو.مئي 2017 کانپوءِ 100 انڊيڪس ٻيهر 51 هزار تائين پهچي ويو آهي.100 انڊيڪس جي سڀ کان وڌيڪ وقت 52876 آهي.










