اسمبلين ۾ نانگ ۽ وڇون ويٺا آهن، جماعت کي موقعو ڏيو

اسمبلين ۾ نانگ ۽ وڇون ويٺا آهن، جماعت کي موقعو ڏيو

بدين(ڊ ر) پهرين جنوري2023 امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته وياج واري نظام جي ڪري ملڪ ۾ غربت، بُک، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي، ملڪ معاشي، سياسي ۽ اخلاقي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار آهي، حڪمرانن جي ڦُرلُٽ جي ڪري سنڌ تباهي جي ڪناري تي، غربت ۽ مهانگائي خلاف ڪراچي کان اسلام آباد تائين مارچ ڪرڻ وارو بلاول اڄ سنڌ جي عوام جي بدحالي، غربت ۽ بيروزگاري تي ڇو خاموش آهي؟ ڪرپشن فري ۽ اسلامي پاڪستان لاءِ سنڌ جو عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي، جماعت اسلامي کي اختيار مليو ته وياج واري نظام کي ختم ڪري زڪواة، عشر ۽ صدقات جو نظام نافذ ڪنداسين، جماعت اسلامي بيروزگار نوجوانن، بزرگن کي الائونس ۽ هارين ۾ زمينون ورهائينداسين. پي ٽي آء جي حڪومت ھوندي خيبر پختون خواھ تي 900 سئو ارب روپيا قرض چڙهي ويو آھي، پي پي ۽ نوازليگ ڳٺ جوڙ وفاقي حڪومت ملڪ جي وسيلن ھوندي ٻاھرين قرض ۾ غرق تي ويئي آھي ۽ ملڪ معاشي طور تباھ ٿي ويو آھي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اقصى گرائونڊ بدين ۾ جماعت اسلامي پاران رٿيل غربت،مهانگائي، وياج واري نظام ۽ بيروزگاري خلاف ٿيندڙ جلسه عام کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي امير محمد حسين محنتي، ضلعي امير سيد علي مردان شاه، درگاه مٽياري جي پيرغلام مجدد سرهندي، صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا عبدالقدوس احمداڻي، مولانا آفتاب ملڪ به خطاب ڪيو جڏهن ته جي آءِ يوٿ سنڌ جو صدر ڊاڪٽر امتياز پالاري ۽ مجاهد چنا پڻ اسٽيج تي موجود هئا. سراج الحق وڌيڪ چيو ته اسان باب الاسلام سنڌ جي ڌرتيءَ کي مسئلن کان نجات جو پڪو عزم رکون ٿا، 2023ع جي شروعات سنڌ جي مظلوم ماڻهن لاءِ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي کان نجات جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو پيغام کڻي آيو آهي، سنڌ جي عوام جو لٽيل پئسو کڻي پ پ قيادت بلاول زرداري پرڏيهي دورا ڪري رهيو آهي ڇا هن کي مهانگائي ياد آهي؟ اسيمبلين ۾ نانگ ۽ وڇون ويٺل آھن ،جيڪي عوام جو رت پيئن ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو