لاهور (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد سانحي کان پوءِ لاهور ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان سي سي پي او لاهور بلال صديق ڪاميانا جو چوڻ آهي ته امام بارگاهن، مسجدن ۽ ٻين مذهبي هنڌن لاءِ خاص سيڪيورٽي اپاءَ ورتا ويا آهن.هن هدايت ڪئي آهي ته عوامي هنڌن ۽ بازارن ۾ بهترين سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن ۽ شهر جي داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن جي نگراني سخت ڪئي وڃي.










