اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته اسلام آباد ۾ خوفناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.سندن چوڻ آهي ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، بچاءَ وارو وزير طنزيه بيان ڏئي ٿو.بابر اعواڻ چيو ته آمريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ عمران خان افغانين جون دليون کٽي ورتيون.هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت هڪ پاسي آهي ته عمران کي ڪيئن هٽايو وڃي ٻئي اسيمبليون ٽوڙيو نه، حڪمران هاڻي عوام کان ڊڄن پيا.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ حڪومت ٽوڙڻ لاءِ آتشبازي ڪئي وئي.










