اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ جي ٻين شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جن ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، سوات ۽ شانگلا شامل آهن.زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 5.8 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي کوٽائي 159 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.ذريعن موجب زلزلي کان پوءِ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.ان کان ڪجهه وقت اڳ تاجڪستان ۽ سنڪيانگ ۾ به 6.1 شدت جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا.زلزلي جي مرڪز چيو ته زلزلي جو مرڪز تاجڪستان ۽ سنڪيانگ جي سرحدي علائقي ۾ هو.










