اسرائيل جو جنگ بندي کان انڪار، رفح تي حملا جاري

يروشلم (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه ۾ قطر ۽ مصر پاران تجويز ڪيل جنگ بندي معاهدي کي فوري طور تي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.سومر تي، فلسطيني مزاحمتي گروپ حماس غزه ۾ جنگبندي جي حوالي سان قطر ۽ مصر پاران تجويز ڪيل جنگبندي معاهدي کي قبول ڪيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه قطري ۽ مصري ثالثن کي آگاهه ڪيو ته حماس غزه ۾ جنگ بندي جي سندن تجويز قبول ڪري ٿي.حماس جي بيان کانپوءِ جنگ بندي جي حوالي سان بال اسرائيل جي ڪورٽ ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو