اسرائيلي حملا جاري 210 فلسطيني قتل.لاش گهٽين ۾ پيل

غزه (ويب ڊيسڪ) غزه جي سرڪاري ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته “اسرائيلي قتل عام” دوران پناهگيرن جي ڪيمپ نصيره تي حملي ۾ 210 فلسطيني مارجي ويا ۽ 400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. رفح ۾ ڪويت جي اسپيشلٽي اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي هٿان مارجي ويل ماڻهن جا روڊن تي درجنين لاش پيا آهن ۽ امدادي ڪارڪن زخمين تائين پهچي نه ٿا سگهن ڇو ته اسرائيلي فوج مٿن فائرنگ ٿي ڪري. گڏيل قومن اسرائيلي فوج کي ’بليڪ لسٽ‘ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنگي علائقن ۾ ٻارن تي حملا ڪرڻ تي ڪنهن به ملڪ کي هن لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. گڏيل قومن جي اهڙي قدم جي انساني حقن جي اڳواڻن “مڪمل طور تي جائز” قرار ڏنو آهي. مصري ۽ قطري ثالث مبينا طور تي چون ٿا ته انهن کي اميد آهي ته حماس تازو جنگبندي جي تجويز تي پنهنجو مثبت جواب ڏيندي. ياد رهي ته 31 مئي تي آمريڪي صدر جو بائيڊن ٽن مرحلن وارو امن پلان پيش ڪيو هو جنهن ۾ 6 هفتن جي جنگبندي، قيدين جي مٽا سٽا ۽ امدادي ڪم تيز ڪرڻ شامل هو. حماس اهو رد ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته مڪمل جنگبندي ڪريو ۽ اسرائيلي فوجي واپس وڃن، جيڪو مطالبو سرائيل تسليم نه ڪيو هو. 7 آڪٽوبر کان غزه تي اسرائيل جي جنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 36,801 فلسطني مارجي ويا ۽ 83,680 زخمي ٿيا آهن. اسرائيل ۾ حماس جي حملن ۾ نظرثاني ٿيل مرڻ وارن جو تعداد 1,139 آهي، جڏهن ته غزه ۾ اڃا به درجنين ماڻهو قيد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو