اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وفد ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف وچ ۾ خميس ڏينهن ملاقات بنا نتيجي جي ختم ٿي وئي، اسپيڪر اجتماعي طور تي پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جون استعيفائون قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اسپيڪر چيو ته قانون مطابق هر ميمبر هٿ سان لکيل استعيفيٰ اڪيلائي ۾ پيش ڪندو. اسپيڪر کين ٻڌايو ته اوهانجي ڪيترن ساٿين فون ڪري چيو آهي ته قيادت جو دٻاءُ آهي. اوهان قانون جي ابتڙ هلڻ چاهيو ٿا جيڪو قبول ناهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ وفد اسپيڪر کان استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي وفد اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ جي تصديق واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد ۾ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، پي ٽي آءِ چيف ويپ عامر ڊوگر، اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر شبير قريشي، فهيم خان، عطاءُ الله، امجد خان نيازي، طاهر اقبال، زاهد اڪرم دراني ۽ ٻيا شامل هئا.










