ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا اجلاس۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا جن ۾ 195 استادن جي ڀرتي، 700 وڌيڪ استادن جون پوسٽون پيدا ڪرڻ، تعليمي بورڊ جي ضابطن ۾ ترميمون ۽ پنهنجن ڀاڙن تي 100 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ شامل آهن. ڪابينا وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته هو 50:50 لاڳت جي ڀاڱيواري جي بنياد تي فلڊ پروٽيڪشن پلان IV شروع ڪري. ان کان علاوه، وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي تيار ڪئي وڃي ۽ ڪي فور جي خريداري لاءِ سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جي فيس تي ٽيڪس معاف ڪيو وڃي. اجلاس وڏي وزير هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. استادن جي ڀرتي: صوبائي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تعليم جي معيار کي وڌائڻ لاءِ ٽيچنگ لائسنس پاليسي 2023 ۾ منظور ڪئي وئي هئي. سنڌ ملڪ ۾ پهريون صوبو آهي جنهن ٽيچنگ لائسنس پاليسي متعارف ڪرائي آهي. انهيءَ مطابق ڄاڻايل ٽيچنگ لائسنس پاليسي جي تحت مارچ 2024 ۾ ٿرڊ پارٽي، سکر آئي بي اي پاران هڪ ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پري سروس (نوان اميدوار) ۽ ان سروس استادن حصو ورتو جنهن جي سخت جاچ پڙتال ٿي. ٽوٽل 4000 اميدوارن ٽيسٽ ڏني ۽ فقط 646 اميدوار (195 نوان اميدوار ۽ 451 حاضر سروس استاد) اعليٰ معيار، ڪنٽينٽ۽ تدريسي مرحلن ٻنهي ۾ 50 کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪري قابليت حاصل ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايليمينٽري اسڪول ٽيچر (BS-16) جون 700 نيون پوسٽون خاص طور تي ان سروس ۽ پري سروس اميدوارن لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن جن وٽ ٽيچنگ لائسنس آهن. انهن 700 منظور ٿيل پوسٽن مان ناڻي کاتي بجيٽ بڪ ۾ فقط 352 پوسٽن کي ظاهر ڪيو آهي تنهنڪري باقي 348 پوسٽون ان سروس ۽ پري سروس ٽيچنگ لائسنس هولڊرن کي شامل ڪرڻ لاءِ ظاهر ڪيون وينديون. 195 نون ٽيچنگ لائسنس هولڊرن جي مسئلي جي حوالي سان، ڇاڪاڻ ته انهن بهترين ٽيچنگ لائسنس ٽيسٽ پاس ڪيو آهي، ڪابينا تحريري امتحان لاءِ وقت ۾ ڇوٽ ڏني آهي ۽ سنڌ ڪابينا جي منظوري سان ايليمينٽري اسڪول ٽيچر (BPS-16) جي خالي پوسٽن تي انهن جي مقرري لاءِ انٽرويو لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو. تعليمي بورڊ جي ضابطن ۾ ترميم: هي بورڊ سنڌ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بل-2024 ۽ سنڌ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن آرڊيننس 1972 تحت قائم ڪيو ويو هو. سول سوسائٽي جي بورڊ ميمبرن ۾ هيڊ ماستر/پرنسپل ۽ هيڊ ماستر جو نمائندو شامل آهن. ترميمن تحت حڪومت کي بورڊ جي ڪنهن به ميمبر کي هٽائڻ جو اختيار هوندو. بورڊ کي اتي ڪم ڪندڙ ڪنهن به فرد کي ڪوبه فائدو، الائونس يا رعايت ڏيڻ جي اجازت نه هوندي. چيئرمين پنهنجي عهدي جي مدت ختم ٿيڻ تي پنهنجي مقرري جي نوٽيفڪيشن جي تاريخ کان ٽن سالن جي عرصي تائين عهدو سنڀاليندو ۽ وڌيڪ عرصي لاءِ ٻيهر مقرري يا وري اهل ٿيڻو پوندو. چيئرمين کي ڪنٽرولنگ اٿارٽي پاران سڌي ريت ڀرتي جي عمل ذريعي مقرر ڪيو ويندو يا وري گريڊ 19/20 جي ڪيڊر آفيسرن مان منتقلي ذريعي ته اهڙن شرطن ۽ ضابطن تحت جيڪي ان طرفان طئي ڪيا وڃن. ڪراچي لاءِ اليڪٽرڪ بسون: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيشنل انرجي اينڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (NE&TC) مرحليوار عملدرآمد سان 8000 اليڪٽرڪ بسن جو ٽوٽل هدف تجويز ڪيو آهي. پهرين مرحلي ۾: پهرين سال ۾ 500 بسون (50 بسون باضابطه ڪم ڪري رهيون آهن)؛ ٻيو مرحلو: ايندڙ سال 1500 بسون؛ ۽ ٽئين مرحلي ۾ ايندڙ چئن سالن ۾ 4000-6000 بسون شامل آهن. ان کان وڌيڪ چارجنگ انفراسٽرڪچر، ڊپو ۽ بس اسٽيشنن جي ترقي ۽ ٽئين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ تي هڪ گيگا واٽ تائين سولر پلانٽ لڳايو ويندو. حڪومت اڳ ۾ ئي 30 مئي 2024 تي اين اي ٽي سي جي تجويز کي هڪ پائلٽ پروجيڪٽ جي طور تي منظور ڪري چڪي آهي جنهن ۾ سندس ماڊل تي 50 اليڪٽرڪ بسون (12 ميٽر ڊگهيون) شامل آهن جن ۾ ڀاڙا به شامل آهن. ڀاڙي سميت پنهنجي ماڊل تائين اين اي ٽي سي 50 اليڪٽرڪ بسون (12 ميٽر ڊگھيون) خريد ڪيون ۽ فراهم ڪيون جن کي ساليانو 75 ڪلوميٽر لاءِ 220 رپيا في ڪلوميٽر جي حساب سان گهربل سهولتون فراهم ڪيون ويون جيڪو آپريٽرن لاءِ رسڪ آهي. ڪراچي ۾ چئن وڏن روٽس تي بسون هلي رهيون آهن. منصوبي سان لاڳاپيل سڀني ڪمن جي نگراني لاءِ آزاد ماهر مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾ ٽيڪنيڪل، مالي ۽ قانوني پهلو شامل آهن. ڪابينا ايس ايم ٽي اي ۽ اين اي ٽي سي جي وچ ۾ گونمنٽ ٽو گورنمنٽ بنياد تي هڪ معاهدي جي منظوري ڏني ته جيئن 100 اليڪٽرڪ بسن جي ڀاڙن سميت فراهمي، تعمير، آپريشن ۽ مرمت ڪئي وڃي. ڪابينا گذريل ٽه ماهي (اپريل کان جون 2025) لاءِ 412.50 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني. ۽ 100 اليڪٽرڪ بسن جي ماهوار ادائيگي لاءِ بجيٽ ۾ هر سال 1.65 ارب رپيا (اٺ سالن لاءِ) رکيا ويا آهن. نيشنل فلڊ پروٽيڪشن منصوبو (NFPP-IV): سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته ٻوڏ کان بچاءُ جو منصوبو چار اڌو اڌ جي لاڳت جي ڀاڱيواري جي بنياد تي فنڊ ڪيو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڻي وسيلن واري وزارت سنڌ حڪومت کان درخواست ڪئي هئي ته وفاقي ادارن جي منصوبن تائين وفاقي فنانسنگ کي محدود ڪرڻ تي راءِ ڏني آهي. تجويز ڪيل وفاقي فنانسنگ کي 77.533 ارب رپين تائين محدود ڪيو ويو آهي جيڪو 824.5 ارب رپين جي ٽوٽل ڪاٿي لاڳت جو 9.4 سيڪڙو آهي. سنڌ ٽرانس جينڈر ايجوڪيشن پاليسي (STEP): ايس ٽي اي پي تي بحث ڪندي وڏي وزير چيو ته هڪ پاليسي (STEP) هجڻ گهرجي جيڪا هر قسم جي امتياز کان پاڪ هجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٽرانس جينڊر برادري جي تعليم تائين رسائي محدود آهي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس 2023 جي مردم شماري جي رپورٽ موجب قومي سطح تي ٽرانس جينڈرن جي خواندگي شرح 40.15 سيڪڙو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ اهو 34.16 سيڪڙو آهي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ شرح گهٽجي 19.52 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته شهري علائقن ۾ 42.42 سيڪڙو آهي. وڏي وزير تعليم واري وزير سيد سردار شاهه کي هدايت ڪئي ته ٽرانس جينڊر ماڻهن لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم جي پاليسي تيار ڪئي وڃي. ڄاڻايل ايڪٽ جي سيڪشن 8 موجب پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25-A تحت ضمانت ڏنل ٽرانس جينڊر ماڻهن کي بغير ڪنهن امتياز جي مفت ۽ لازمي تعليم فراهم ڪئي ويندي. ان کي ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪي فور لاءِ سيلز ٽيڪس ۾ ڇوٽ: ڪراچي لاءِ ڪي-4 منصوبن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ڪابينا 2021 کان منصوبي جي خريداري ۽ تعمير ۾ واپڊا کي ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته ذيلي ٺيڪيدار کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جي وچ ۾ ايف بي آر سسٽم کي ريسٽورنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ صوبن جي پوائنٽ آف سيل (POS) حلن سان ضم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ مفاهمت جي ياداشت (MoU) تي صحيحن جي منظوري ڏني. انڊسٽريل زون لاءِ ايم او يو: ڌاٻيجي انڊسٽريل زون سي پيڪ جي سهڪار سان هڪ گڏيل منصوبو آهي جنهن جو مقصد سنڌ صوبي ۾ صنعت کي ترقي ڏيڻ آهي. هي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت لاڳو ڪيو پيو وڃي. منصوبي ڪل ترقياتي ڪمن جو 10.6 سيڪڙو حاصل ڪيو آهي. فيبروري/مارچ 2025 ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاور چائنا انٽرنيشنل ڌاٻيجي جي ترقي لاءِ هڪ رياستي ڪمپني (چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن – اين ڊي آر سي پاران نامزد ڪيل) ڪنسيشنيئر M/s ZKBDMC ذريعي هڪ مفاهمت جي ياداشت (ايم او يو) لاءِ درخواست ملي هئي جيڪا چين جي صنعتن کي راغب ڪرڻ لاءِ SEZMC جي تسليم ڪندڙ پارٽي آهي. ڪابينا تجويز جي منظوري ڏني ۽ سيڙپڪاري کاتي کي چيني ڪمپني سان هڪ ايم او يو تي صحيح ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نيٽ انرٽيڪ سائنس ۽ ٽيڪ پارڪ: پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي سفارش تي ڪابينا عمارت جي اوچائي جي حد سبب منصوبي جي زمين ۾ ٽن ايڪڙ (تقريبن) واڌ جي منظوري ڏني جنهن لاءِ 1.7 ارب رپيا ايس اي ڊي ايف يا سيڙپڪاري کاتي بدران اين اي ڊي يونيورسٽي ذريعي منصوبي کي فراهم ڪيا ويندا. ٿرڪول کان ڪراچي تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ جو گڏيل منصوبو: سنڌ ڪابينا ريلوي وزارت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ 50:50 جي بنياد تي 75 ارب رپين جي گڏيل منصوبي جي منظوري ڏني جنهن ۾ اسلام ڪوٽ (ٿر ڪوئلي) کان ڇوڙ تائين 105 ڪلوميٽر ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائي ويندي. ٿر ڪول کان ڪراچي تائين ريلوي ٽريڪ وڇائڻ لاءِ گڏيل منصوبو:سنڌ ڪابينا ريلوي وزارت ۽ سنڌ حڪومت سان 75 ارب رپين جي اڌواڌ فنڊز جي بنياد تي گڏيل منصوبي جي منظوري ڏني ته جيئن اسلام ڪوٽ (ٿر ڪوئلي) کان ڇوڙ (105 ڪلوميٽر) ۽ بن قاسم کان پورٽ قاسم (9 ڪلوميٽر) تائين ريلوي لائين وڇائي سگهجي. حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي لاءِ 500 ملين رپيا: سنڌ ڪابينا لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي درخواست تي حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي (HED) جي ملازمن جي پينشن، پگهارن، سروس مراعات ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي بقايا ادائيگين لاءِ 500 ملين رپين جي گرانٽ ان ايڊ جي منظوري ڏني. منظور ٿيل بجيٽ: صوبائي ڪابينا هلندڙ مالي سال 25-2024 لاءِ انساني آبادڪاري، خاص ترقي ۽ سماجي هائوسنگ کاتي جي بجيٽ ۽ گذريل مالي سال 25-2024 جي نظرثاني ٿيل ڪاٿن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا صوبائي ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظوري لاءِ ترتيب وار 740.157 ملين رپيا ۽ 398.051 ملين رپيا رکيا ويا آهن. تجويز ڪيل بجيٽ جا تفصيل. ڪابينا سنڌ رينيوئيبل انرجي ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر (ايڊمن ۽ فنانس) ظهير عابد ميمڻ کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.










