آستانا (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي سهڪاري تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينج گڏيل آهن، سڀ کان وڏو چيلينج دهشتگردي آهي، اسانکي افغانستان جي طالبان حڪومت سان ڳالهائڻو پوندو، سيڪورٽي ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوهان کي خطاب ڪندي خوشي ٿي، شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئرمين جي حيثيت سان قازقستان جو شاندار ڪردار ادا ڪيو.هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان جا چئلينج گڏيل آهن، اسان کي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.شهباز شريف چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جو ڪردار اهم آهي، شنگهائي تعاون تنظيم کي جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کان آزاد ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبن لاءِ متبادل فنڊنگ جو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستان پنهنجي هنڌ جي ڪري اهم واپاري رستو آهي، افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي.










