ارم تنوير جي ايس اين ايس آمد،پرنٽ ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

ارم تنوير جي ايس اين ايس آمد،پرنٽ ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ڪراچي ارم تنوير سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي مرڪزي آفيس جو دورو ڪيو. ايس اين ايس جي صدر قاضي شفيق احمد ۽ عهديدارن استقبال ڪيو. ان موقعي تي ايس اين ايس جي صدرآيل مھمان کي گلدستو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيوـ ان موقعي تي پرنٽ ميڊيا کي درپيش مسئلن تي خيالن جي حوالي سان ڏي وٺ ڪندي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي انهن کي حل ڪرڻ جو ڀرپور يقين ڏياريو.ڊي جي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ارم تنوير سندھ نيوز پيپرز سوسائيٽي جي ميڊيا ورڪرن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي مسئلي کي اجاڳر ڪندي پي آءِ ڊي ڪراچي ۾ ورڪشاپ جا ٻه سيشن پڻ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان موقعي تي پروٽوڪول آفيسر اشفاق چانڊيو کي فوري هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون ـان موقعي تي ڳالهائيندي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي چيو ته هن وقت پرنٽ ميڊيا انتهائي خراب صورتحال مان گذري رهي آهي. اخبارن جي مالڪن کي پنهنجون اخبارون شايع ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. هن چيو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ڪري نه رڳو خبرن جي صداقت کي نقصان پهچي رهيو آهي پر اهو به حڪومت ۽ پرنٽ ميڊيا لاءِ مصيبت جو سبب آهي.اشتهارن جي ورڇ جي حوالي سان هن چيو ته ماضي ۾ پرنٽ ميڊيا جو تعداد به گهٽ هو ۽ اشتهارن جي سینٽرلائیز پاليسي نه هئي. اشتهارن جو تعداد ڪافي هو. هن چيو ته هو ان مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪنداسي ان موقعي تي سيد رضوان شاهه، ديدار سنديلو، ڪاشف ميمڻ، ايوب پيرزادو، شاهد انصاري، نسيم شيخ، ميڊم فرزانه، ماهي بيگ، محمد اقبال بلال چنـ ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو