ارشد شريف جو قتل غير آئيني ۽ غير قانوني قرار

نيروبي( ويب ڊيسڪ ) ڪينيا جي هاءِ ڪورٽ پاڪستاني صحافي ارشد شريف جو قتل غير آئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو.ڪينيا جي هاءِ ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس تي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي قتل کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو.عدالت ارشد شريف جي ڪٽنب کي 2 ڪروڙ 17 لک پاڪستاني رپيا ڏنڊ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالتي فيصلي موجب، ارشد شريف جو قتل سڃاڻپ ۾ غلطيءَ جو نتيجو نه هو.ان کانسواءِ عدالت گولي هلائيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏنو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ۾ جن حڪومتي ادارن جو نالو ورتو ويو اِهي پنهنجي ذميواري کان آجا نٿا ٿي سگهن .ٻئي پاسي ارشد شريف جي بيواهه ڪينيائي عدالت جي فيصلي تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ارشد شريف کي ڪينيا ۾ انصاف ملي ويو پر پاڪستان ۾ انصاف ملڻ باقي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو