انقرهه (ويب ڊيسڪ)ترڪ صدر رجب طيب اردگان يوڪرين کي نيٽو جي رڪنيت جو حقدار قرار ڏئي ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي نيٽو ۾ رڪنيت حاصل ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي حمايت ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ترڪ صدر پنهنجي يوڪريني هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي به پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي.جڏهن ته رجب طيب اردگان روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ امن قدمن جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي.روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ گذريل سال جي جنگ کي لڳ ڀڳ 500 ڏينهن گذري ويا آهن، جنهن ۾ ڪيترائي شهري زندگيون وڃائي ويٺا آهن.يوڪرين جي صدر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ترڪ صدر چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يوڪرين نيٽو جي رڪنيت جو حقدار آهي، پر ٻنهي ملڪن کي امن ڳالهين ڏانهن موٽڻ گهرجي.طيب اردگان چيو آهي ته منصفانه امن شڪست نه ٿو پيدا ڪري.ان موقعي تي يوڪرين جي صدر ترڪي جي حمايت تي صدر طيب اردگان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو يوڪرين جي اندروني خودمختياري، سلامتي، امن فارمولي، اسان جي ملڪ ۽ عوام جي سلامتي جي حوالي سان ترڪي جي حمايت جو ٿورائتو آهيان.
