اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سردار اختر مينگل جو قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ تقريبن 17 مهينن کان پوءِ منظور ڪيو ويو.
ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بي اين پي سربراهه اختر مينگل جو استعيفيٰ منظور ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گذريل رات سردار اختر مينگل جي استعيفيٰ قبول ڪئي ۽ سندس استعيفيٰ ان ئي تاريخ کان قبول ڪئي وئي جيڪا هن ڏني هئي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سردار اختر مينگل جنوري 2026 تائين قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان سڀئي مراعات حاصل ڪندو رهيو.










