ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ هڪ ڄڻو قتل

ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ هڪ ڄڻو قتل

احمدپور: (ن س) احمدپور ڀرسان ڳوٺ خواجه جو رھواسي خواجه برادريء جي معزز شخصيت علي نواز خواجه کي ھٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ خواجه جو رھواسي ۽ خواجه برادريء جي معزز شخصيت علي نواز خواجه کي ھٿياربندن ڪانھر موڙ ڀرسان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي پيرجوڳوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.ان موقعي تي مقتول جي پٽ آصف خواجه جو چوڻ هو ته منهنجي پيءُ کي ڌاڙيل رحيم خواجه قتل ڪيو آهي ٻئي طرف پيرجوڳوٺ پوليس جو چوڻ هو ته ٻڌايو ويو آهي ته علي نواز خواجه ۽ ڌاڙيل رحيم خواجه وچ ۾ ڪارنهن جو پراڻو تڪرار ھلندڙ آهي جنھن جي نتيجي ۾ علي نواز خواجه سميت چار ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون،

پهنجو تبصرو موڪليو