اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ٻه جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ 12 ۽ 13 نومبر جي رات فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن جوان به شهيد ٿي ويا، جن ۾ سپاهي عبدالله ۽ سپاهي محمد سهيل شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو اثرائتي انداز ۾ پتو لڳايو، جڏهن ته علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو