آمريڪي خام تيل جي قيمت وڌيڪ گهٽتائي ٿي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي خام تيل جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا 81 ڊالر 80 سينٽ في بيرل تي پهچي وئي.برنٽ 83.63 ڊالر في بيرل ٿي ويو.ٻئي طرف عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ مقامي سطح تي پيٽرول جي قيمت ۾ 38 رپيا 38 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو