واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خاتون اول جيل بائيڊن جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي، پر صدر جو بائيڊن جي ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب 72 ورهين جي جيل بائيڊن ۾ بيماري جون علامتون هلڪيون آهن ۽ هو ان دوران گهر ۾ ئي رهندو.رپورٽن مطابق جيل بائيڊن گذريل سال به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي.وائيٽ هائوس چيو آهي ته 80 ورهين جي صدر جو بائيڊن جو سومر جي شام ڪووڊ 19 ٽيسٽ ڪيو ويو ۽ اها ٽيسٽ ناڪاري آئي، صدر جي مڪمل نگراني جاري رهندي.پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ گذريل ڪجهه هفتن دوران ڪورونا سبب اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ وڌي ويو آهي.
