آمريڪا پاران ايران تي حملو نه ڪرڻ جو اعلان، جي 7 جو اجلاس طلب

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ايران بدلو وٺڻ لاءِ اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائيلن ۽ ڊرون جي برسات ڪري ڇڏي، اسرائيل ۽ آمريڪا پاران 99 سيڪڙو ميزائيل ۽ ڊرون فضا ۾ ئي تباهه ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. آمريڪي صدر دورو ملتوي ڪري واسنگٽن پهچي ويو، جي سيون جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو. ابتدائي طور آمريڪي قومي سلامتي جي اجلاس ۾ صورتحال تي غور بعد آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي واضح ڪيو آهي ته ايران خلاف آمريڪا حملو نه ڪندو، کيس احتياط جو مشورو ڏنو آهي.آمريڪا جو چوڻ آهي ته هو اسرائيل جي دفاع م مدد ڪندو. اسرائيلي فوجي ترجمان جو چوڻ آهي ته چند ميزائيل اسرائيلي فوجي ٺڪاڻن تي ڪريا جنهن م ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، رڳو هڪ ٻارڙي معمولي زخمي ٿي آهي. ياد رهي ته پهرين اپريل تي شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ واقع ايراني سفارتخاني تي اسرائيل حملو ڪيو هو جنهن ۾ ايراني انقلابي گارڊز جي ڪمانڊر سميت 8 ڄڻا مارجي ويا هئا. جنهن بعد ايران 13 اپريل تي حرمز مان گزرندڙ اسرائيلي ارب پتي ڪاروباري شخص جو سامونڊي جهاز جيڪو پرتگال ۾ رجسٽرڊ آهي، ان تي قبضو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو