آمريڪا جو راحت فتح علي خان کي ويزا ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني 2015 کان 2023 جي وچ ۾ آمريڪا ۾ حاصل ڪيل آمدني تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ سبب گلوڪار راحت فتح علي خان کي ڪنسرٽ ۾ شرڪت لاءِ ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.آمريڪي سفارتخاني جو چوڻ آهي ته ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي 2015ع کان 2023ع تائين جي ٽيڪس ادائگين بابت آءِ آر ايس دستاويز ۽ بالي ووڊ ايونٽس ايل ايل سي جا قانوني دستاويز فراهم ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته راحت فتح علي خان دعويٰ ڪئي آهي ته هن سمورا ٽيڪس پنهنجي آمريڪا ۾ پروموٽرز ذريعي ادا ڪيا هئا. راحت فتح علي خان جو چوڻ هو ته هن پنهنجي پروموٽرز سان رابطو ڪري کين ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ گهربل دستاويز فراهم ڪرڻ لاءِ چيو آهي جنهن کانپوءِ اهي دستاويز سفارتخاني ۾ جمع ڪرايا ويندا.ڳائڻي جو چوڻ هو ته هن هن سال آمريڪا جو دورو ڪيو هو ۽ جيڪڏهن هن ان عرصي تائين ٽيڪس ادا نه ڪري ها ته سفارتخانو پهريان ويزا جاري نه ڪري ها.

پهنجو تبصرو موڪليو