ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) پاڪ سوزوڪي موٽر ڪمپني لميٽيڊ (پي ايس ايم سي ايل) پاران پنهنجي گاڏين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ڪيو ويو آهي. پي ايس ايم سي ايل پاران هلندڙ سال جي اپريل مهيني ۾ پيش ڪيل آلٽو 660 سي سي جي قيمت ۾ 670 کان 85 هزار روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ موٽرسائيڪل جي قيمتن ۾ به 02 کان 06 هزار روپين جو اضافو ڪيو ويو. آلٽو ڪار جي قيمت ۾ اضافي جو هڪ مطلب اهو ورتو پيو وڃي ته ڪمپنيءَ جي انهيءَ ماڊل جي طلب وڌيڪ ۽ ويگن آر توڙي ٻين ماڊلز جي وڪري ۾ ٻاڙائي آهي. ياد رهي ته سوزوڪي ڪمپنيءَ پاران آلٽو جي نئين ماڊل جي پراڊڪشن جون مهيني ۾ ڪئي وئي. آلٽو وي ايڪس آر جي قيمت 11 لک هڪ هزار روپيو ۽ آلٽو اي جي ايس ماڊل جي قيمت 12 لک 94 هزار مقرر ڪئي وئي. بعد ۾ پهرين آگسٽ تي ٻنهي ڪارن جي قيمت ۾ هڪ لک 37 هزار ۽ هڪ لک 38 هزار ترتيبوار اصافو ڪيو ويو. جڏهن ته مارڪيٽ ۾ وي ايس آر 13 لک 08 هزار ۽ اي جي ايس 15 لک 18 هزار روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. ڪمپنيءَ پاران قيمتن ۾ تازي واڌ جو سبب ناهي ٻڌايو ويو جڏهن ته جن ماڻهن پيسن جي ادائيگي پهريان ڪئي آهي انهن کان نئين قيمت نه ورتي ويندي.










