ڊي سي ءٍ ايس پي خلاف ڪاروائي جو حڪم، آفريدي آزاد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي جي 3 ايم پي او تحت گرفتاري جو حڪم معطل ڪندي کيس گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جي سربراهي ۾ شهريار آفريدي جي ايم پي او تحت گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شهريار آفريدي پنهنجي وڪيل شير افضل مروت سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران شهريار آفريدي قرآن پاڪ جي ڪاپي کڻي روسٽرم تي آيو، جڏهن ته جسٽس بابر ستار ڊپٽي ڪمشنر کي روسٽرم تي طلب ڪري ورتو. ڊپٽي ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته 9 مئي جو واقعو سڀني جي سامهون آهي، انٽيليجنس رپورٽن موجب شهريار آفريدي احتجاج پکيڙيو، شهريار آفريدي جي ضلعي عدالتن تي حملي جي منصوبابندي ۾ به ملوث هجڻ جون خبرون آهن، شهريار آفريدي خلاف مهم ۾ شامل آهن. هن جو نالو به سامهون آيو آهي.جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته جيل ۾ هجڻ باوجود ماڻهن کي ڪيئن ڀڙڪايو؟ جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته منهنجون اکيون ۽ ڪن رڳو انٽيليجنس رپورٽون آهن.عدالت ايس ايڇ او کان پڇاڻو ڪيو ته شهريار آفريدي جي پلاننگ بابت اوهان کي ڪهڙي خبر آهي؟ جنهن تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته ان وقت ڪو به ايس ايڇ او نه هو، ڪو ٻيو انچارج هو، جنهن تي جسٽس بابر ستار چيو ته پوءِ توهان پنهنجي جان بچائي ويا.جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته شهريار آفريدي جي گرفتاري وقت ڊي پي او ڪير هو؟ جنهن تي لاڳاپيل ڊي پي اوز روسٽرم تي آيا.عدالت پڇاڻو ڪيو ته شهريار آفريدي جي پلاننگ بابت کيس ڪهڙي معلومات آهي؟ جنهن تي ڊي پي او ٻڌايو ته مان ان وقت موڪل تي هو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان شوڪاز نوٽيس جو جواب داخل ڪرايو آهي؟ جنهن تي هن چيو ته ها سائين لکت ۾ جواب داخل ڪرايو ويو آهي.جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته 8 مئي تي اسلام آباد ۾ ڇا ٿيو، ڇا توهان ان بابت پڇيو؟ انهن رپورٽن جي روشنيءَ ۾ توهان کي به پنهنجو ذهن لڳائڻو پوندو، پوليس عملدارن کي ٻڌايو ته 8 مئي تي اسلام آباد ۾ ڪهڙي صورتحال هئي؟ آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته واقعي کان اڳ خدشن جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، اسان امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ هي قدم کنيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ڊپٽي ڪمشنر خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو
جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏيندي چيو ته اسپيشل برانچ جي رپورٽ رڳو مذاق آهي، شهريار آفريدي جي گرفتاري جو نوٽيفڪيشن ڪٿي آهي؟ ايس ايس پي جي وڪيل طاهر ڪاظم عدالت کي ٻڌايو ته پهريون ايم پي او آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ جا سبب مختلف هئا، عدالت چيو ته نظربندي جا آرڊر بعد ۾ جاري ڪيا ويا ۽ گرفتاريون اڳ ۾ ڪيون ويون، ٿرريٽ الرٽ تي ڪارروائي خدشن جي بنياد تي ڪئي وئي.جسٽس بابر ستار چيو ته عدالت رمارڪس کي ڪالعدم قرار ڏئي ٿي، پوءِ نئون ايم پي او آرڊر ايندو.اڊيالا جيل ۾ شهريار آفريدي سان ڪنهن ملاقات ڪئي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل سپرنٽينڊنٽ کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر جو جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.جسٽس بابر ستار پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد خلاف چارج فريم ڪيو ويندو.جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته ڇا آفريدي جو اسلام آباد ۾ ڪو گهر آهي؟ جنهن تي شهريار آفريدي چيو ته ها منهنجو گهر اتي ئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي بابت ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جو ايم پي او آرڊر معطل ڪندي کيس اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو