آرمي چيف سان آمريڪي جنرل جي ملاقات

آرمي چيف سان آمريڪي جنرل جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪمانڊر سينٽ ڪام جنرل ايريڪ ڪوريلا پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير ڪمانڊر يو ايس سينٽر ڪام جنرل ايريڪ ڪوريلا جو جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي استقبال ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سلامتي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آمريڪي جنرل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب، پاڪستان ۽ آمريڪي هٿياربند فوجن وچ ۾ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون، مهمان علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي سهڪار جو به اعتراف ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد اڄ طورخم بارڊر جو دورو به ڪندو، وفد کي پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردي جي خاتمي ۽ بارڊر مينيجمينٽ جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو