آرمي چيف جو سي ايم ايڇ پنڊي جو دورو، بنون آپريشن ۾ زخمي جوانن جي عيادت

آرمي چيف جو سي ايم ايڇ پنڊي جو دورو، بنون آپريشن ۾ زخمي جوانن جي عيادت

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير سي ايم ايڇ راولپنڊي جو دورو ڪيو ۽ بنون آپريشن ۾ زخمي آفيسرن ۽ جوانن جي عيادت ڪري سندن بلند حوصلي جي واکاڻ ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سي ايم ايڇ راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي ڪامپليڪس بنون ۾ آپريشن دوران زخمي ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جو سربراهه ڪجهه دير انهن سان گڏ رهيو، هن کانئن خيريت پڇي ۽ زخمي آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي ۽ جذبي کي ساراهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو