آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اماراتي صدر سان ملاقات، ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اماراتي صدر سان ملاقات، ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون

ابوظهبي: (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير متحده عرب امارات جي دوري دوران امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ٻطرفن معاملن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد زايد وچ ۾ قصرالشاطي پيلس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ شيخ محمد بن زايد النهيان جنرل عاصم منير کي پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني جڏهن ته پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي خدمت لاءِ ان جي نئين ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ملاقات دوران ٻنهي ڌرين متحده عرب امارات ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي ۽ عسڪري معاملن ۾ تعاون جي لاڳاپن ۽ گڏيل ڪمن سان گڏوگڏ ٻنهي دوست ملڪن جي گڏيل مفادن جي لاءِ انهن کي مضبوط بنائڻ وارن طريقن جو جائزو ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو