آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ نظرثاني جي درخواست

آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ نظرثاني جي درخواست

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام کي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي ڪوشش ڪئي آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پرڏيهي وزارت کي آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي جي مقصد لاءِ عالمي سياسي لاڳاپن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.پاڪستان جو موقف آهي ته آءِ ايم ايف کي ٻوڏ ۽ ٻين سببن تي معاهدي جي شرطن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، عالمي مهانگائي ۽ معاشي بحران سبب وڌيڪ سخت فيصلا نٿا ڪري سگهن.پاڪستان موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڪستان نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کانسواءِ روينيو وڌائي سگهي ٿو ۽ هلندڙ سال جي آخر تائين ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪندو.ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس چورن کان وصولي کي بهتر بڻائڻ جو منصوبو به پيش ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ٽيڪس وصولي کي بهتر بڻائي 7100 ارب رپين جو هدف حاصل ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو