آءِ ايم ايف پاران پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جي قسط جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انترنيشنل مانيٽري فنڊ يعني آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن تي اطمينان جو اظهار ڪندي 70 ڪروڙ ڊالر جي قسط فوري طور جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ايم ايف جي اهري فيصلي بعد پاڪستان لاءِ عالمي ادارن کان وڌيڪ قرض ۽ امداد حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملندي. اسٽيٽ بئنڪ پاران اڄ جاري ڪيل ڊيٽا موجب 5 جنوري تائين ختم ٿيل هفتي جي پڄاڻي تائين پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 13.2 ارب ڊالر هئا. آءِ ايم ايف جي 70 ڪروڙ دالر بعد ان م وڌيڪ اضافو ٿيندو. ياد رهي ته آءِ ايم ايف اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ هيٺ ستر ڪروڙ جي هن رقم بعد ڪل جاري ٿيل رقم 1.9 ارب ڊالر جي رقم پاڪستان کي ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو