رياستي ادارن جي نقصان بابت تازي رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) رياستي ادارن جي نقصانن بابت تازي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت کان هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي تائين جي تازه ترين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کان ڊسمبر 2023ع تائين رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي آهي، مشن سرڪاري ادارن جي خساري بابت پراڻي ڊيٽا جي رپورٽ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف مشن سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ ٽيم کي پنهنجي پهرين جائزي جي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته هو سرڪاري ادارن جي نئين ڊيٽا جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ نئين ڊيٽا جي رپورٽ جلد مڪمل ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو