آءِ ايم ايف جو پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ اسيسمينٽ رپورٽ جاري ڪندي پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ غير مستحڪم آهي، ان جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، سمورن ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10.7 ٽريلين رپيا گهربل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ترقياتي منصوبن لاءِ گهربل فنڊنگ هلندڙ سال جي 727 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ کان 14 ڀيرا وڌيڪ آهي، گذريل بجيٽ ۾ حڪومت 2.3 ٽريلين رپين جا نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا هئا، ترقياتي منصوبن جي منظوري کان اڳ فني جائزو ضروري آهي. ترقياتي منصوبن جي چونڊ لاءِ 5 سالن جي پاليسي جوڙي وڃي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو طريقو تيار ڪري شايع ڪيو وڃي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان جو قرض 81.8 ٽريلين ٿي ويندو، پاڪستان جو قرض 73 سيڪڙو ٿي ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ بجيٽ جو حجم 15.4 ٽريلين تائين هوندو، پاڪستان موسمياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکندڙ ملڪن مان هڪ آهي، پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ سبب 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، ٻوڏن ۾ 1700 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. پاڪستان ۾ 2000ع کان وٺي موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان کي هر سال 2 ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي، هر سال 500 ماڻهو قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب مري رهيا آهن. عالمي مالياتي فنڊ (International Monetary Fund) چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 40 ملين ماڻهو موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿين ٿا. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي بجيٽ انتهائي ناقص آهي، پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلي جي منصوبن کي اوليت ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو