اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) مشن جي مختلف شعبن سان ٽيڪنيڪل سطح جون ڳالهيون ختم ٿي ويون.ذريعن موجب ٽيڪنيڪل سطح جي ڳالهين ۾ ايف بي آر ٽيڪس روينيو بابت آءِ ايم ايف جي مشن کي مطمئن ڪيو.فيڊرل بورڊ آف روينيو، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ سان پاليسي سطح تي ڳالهيون سومر کان شروع ٿينديون. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ توانائي واري وزارت سان پاليسي سطح تي ڳالهيون ٿينديون.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاليسي سطح جي ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت کي سخت مطالبن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، پاليسي سطح تي ڳالهين ۾ توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم واري وزارت کان نوان مطالبا سامهون اچي سگهن ٿا.ذريعن موجب شيڊول موجب اقتصادي ٽيم جي آءِ ايم ايف مشن سان ڳالهيون 15 نومبر تائين مڪمل ڪيون وينديون.
