ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽن ميمبرن تي ٻڌل وفد جي متحده قومي مومينٽ پاڪستان جي عارضي مرڪز بهادر آباد آمد. وفد ۾ قانون بابت وزير اعليٰ سنڌ جو صلاحڪار ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بيريسٽر مرتضٰي وهاب ۽ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ شامل هئا. ايم ڪيو ايم جي نئين چونڊيل سينيٽر فيصل سبزواري ۽ ايم پي اي ڪنور نويد جميل پيپلز پارٽي جي وفد جو آڌر ڀاءُ ڪيو. هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت تي پيپلز پارٽي جو وفد هڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي عارضي مرڪز جو دورو ڪيو آهي اسان ايم ڪيو ايم کي فيصل سبزواري ۽ خالده اطيب سينيٽر چونڊجڻ تي مبارڪ باد پيش ڪئي آهي ۽ چيئرمين سينيٽ جي عهدي تي سيد يوسف رضا گيلاني جي حمايت لاءِ گذارش ڪئي آهي. اسان پر اميد آهيون ته رابطا ڪاميٽي ۾ صوبي جي بهتري خاص طور تي شهري ۽ ٻهراڙي جيڪا حقيقت آهي ان جي بهترين مفاد ۾ فيصلو ايندو. ان سان اسان کي ٻهراڙي ۽ شهري سنڌ جي عوام جي خدمت بهتر طريقي سان ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته رابطا ڪاميٽي ۾ اسان جو مضبوط ڪيس رکيو ويندو. هن چيو ته اڄ جي ملاقات ۾ گهڻن ئي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي خاص طور تي شهري علائقن جي ترقي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن جي نمائندگي ايم ڪيو ايم پاڪستان وٽ آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ترقي جو ويزن آهي.

هن پوري صوبي ۾ بنا فرق جي ترقياتي ڪمن جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ان جي ٽيم کي خاص هدايتون ڏنيون آهن هن چيو ته صوبي ۾ گهڻائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن پر ڪجهه مسئلا آهن جيڪي حل طلب آهن ان تي اسين گڏجي ڪم ڪنداسين ته بهتر اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته سياسي طور دروازا کليل هوندا آهن ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي اهوئي جمهوريت جو حسن آهي ايم ڪيو ايم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ اسان جي ٻين اميدوارن کي سينيٽ چونڊن ۾ سپورٽ نه ڪئي پر اسين ٻيهر ان اميد سان هنن وٽ آيا آهيون ته هو اسان جي سينيٽ چيئرمين جي اميدوار سيد يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪندا. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو ته پيپلز پارٽي جا دوست اڄ اسان وٽ آيا هئا اسان انهن جا ٿورائتا آهيون هن چيو ته پيپلز پارٽي جي وفد اسان کي 2 سينيٽر چونڊجڻ تي وڌايون ڏنيون آهن ان سان گڏو گڏ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي حوالي سان سيد يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن چيو ته اسان فوري طور تي ان بابت ڪوئي فيصلو نٿا ڪري سگهون. هي معاملو رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ رکيو ويندو جنهن کان پوءِ فيصلي بابت پيپلز پارٽي کي آگاهه ڪيو ويندو. عامر خان وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي وفد کي هڪ دفعو ٻيهر گذارش ڪئي آهي ته سينيٽ اليڪشن کان هٽي ڪري سنڌ خاص طور ٻهراڙي ۽ شهري علائقن جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ان تي پيپلز پارٽي جي وفد اتفاق ڪيو آهي اليڪشن کان پوءِ اسان جون ملاقاتون جاري رهنديون. هن چيو ته اسين سنڌ جي شهري علائقن جي نمائندگي ڪيون ٿا ۽ هتان جي ماڻهن جي نوڪرين جا مسئلا آهن ۽ بلديات جا مسئلا آهن انهن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ۽ گڏجي انهن مسئلن جو حل تلاش ڪنداسين. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪاميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل، رابطا ڪاميٽي جا رڪن خواجا اظهار الحسن، فيصل سبزواري، محمد حسين، رئوف صديقي ۽ جاويد حنيف پڻ موجود هئا.










