ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آچر ڏينهن ڪراچي اوڀر ۽ گوادر ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. موسميات کاتي موجب گوادر واري زلزلي جي شدت 3 ۽ ڪراچي واري زلزلي جي شدت 3.5 رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪراچي زلزلو
شهر جي اوڀر وارن علائقن ۾ هڪ ڪلاڪ دوران ٻه ڀيرا زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 3.5 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ڪراچي ۾ ٻيهر زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ ٻيهر خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي ۽ ماڻهو ڪلمو پڙهندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. ڪراچي جي اوڀر وارن علائقن ۾ 3 وڄي 54 منٽ تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي پيمائي مرڪز جي مطابق هن زلزلي جي گهرائي 5.6 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ملير جي اتر اولهه ۾ ٻڌايو ويو آهي. بهرحال، زلزلي جا جهٽڪا مختصر مدت وارا هئا، جنهن سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
گوادر زلزلو
گوادر شهر ۾ زلزلي جي شدت 3 ٻڌائي وئي آهي. ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي. ان جو مرڪز شهر کان 8 ڪلوميٽر پر اتر اولهه ۾ هو. گهٽ شدت جي هنن لوڏن سبب ڪنهن نقصان جو اطلاع ناهي مليو.










