گهوٽڪي جو آن لائن بائيڪ ڊرائيور ڪراچي ۾ قتل

گهوٽڪي جو آن لائن بائيڪ ڊرائيور ڪراچي ۾ قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ قيوم آباد چورنگي ويجهو فائرنگ ۾ مارجي ويل موٽرسائيڪل سوار جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي وئي آهي.پوليس موجب، مقتول جي سڃاڻپ 34 سالن جي شاهد جي نالي سان ٿي آهي، جنهن جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.شاهد هڪ آن لائن بائيڪ سروس لاءِ ڪم ڪندو هو جيڪا هڪ شهري کي ڪورنگي ڏانهن سواري تي وٺي پئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته شهري وقاص ٻڌايو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ٽن ماڻهن کيس قيوم آباد چورنگي تي روڪيو ۽ جوابدار شاهد تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب، مقتول شاهد جو موبائل فون ۽ پرس اڃا تائين اتي موجود آهن، ۽ ان مان ڪجهه به چوري نه ٿيو آهي.واقعو ذاتي دشمني جو معاملو لڳي ٿو. شاهد گهوٽڪي جو رهواسي آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو