گرفتاري لاءِ خصوصي ٽيم جوڙي وئي، جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان

گرفتاري لاءِ خصوصي ٽيم جوڙي وئي، جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت ڇهون ڀيرو پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جا گرفتاي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عليمه خان جي گرفتاري يا وارنٽ جي تڪميل ڪرائڻ لاءِ پوليس جي خصوصي ٽيم جوڙي وئي.رپورٽ موجب دهشتگردي جي انت واري عدالت راولپنڊي 26 نومبر 2024 جي احتجاج جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جا ڇهون ڀيرو گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف عليمه خان جي گرفتاري يا وارنٽ جي تعميل ڪرائڻ جي لاءِ پوليس جي خصوصي ٽيم جوڙي وئي آهي، ايس ڊي پي او سٽي اظهر شاهه ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. ٽيم ڪجهه دير ۾ اڊياله جيل رواني ٿيندي. عليمه خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڃان تائين ته عدالت جي اندر بيٺل آهيون، سڀاڻي اسان اچي ڪٿي به ويهي رهنداسين، اسان پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏينداسين پر عمران خان جي لاءِ وڙهنداسين، اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان سوچو ته اسان ڊڄي وينداسين جيل ۾ وجهڻو آهي ته وجهي ڇڏيو.عليمه خان چيو ته جيڪڏهن اوهان کي فڪر آهي ته اسان ڪٿي ٻاهر رهي ڪيسز وڙهنداسين يا باني جو پيغام ڏينداسين جيڪڏهن اوهان ڊڄو ٿا ۽ اسان کي جيلن ۾ وجهندو ته اسان تيار آهيون. عليمه خان چيو ته صبح چيو ويو ته اوهان عدالت ويندو ته اوهان کي گرفتار ڪيو ويندو. پهريان اهو ٻڌايو ته اهو ئي ڪيس آهي نه ته پي ٽي آءِ باني پيغام ڏنو آهي. اوهان عمران خان کان ايترو ڊنل آهيو جو هر حرڪت مان پنهنجو ڊپ ظاهر ڪري رهيا آهيو.عليمه خان چيو ته صرف پاڪستان ۾ نه پر سموري دنيا ۾ به اوهان پنهنجو مذاق بنائي ڇڏيو آهي، ماڻهن کي به نظر اچي رهيو آهي، اوهان گرفتار ڪريو ۽ پوءِ ٻڌايو ته ڪهڙي شيءَ جي لاءِ عمران خان جي هڪ ٻئي فيملي ميمبر کي گرفتار ڪيو، هي پاڻ ڦاٿل آهن. اسان کي جيل ۾ وجهندو ته منهنجون ڀينرون به تيار آهن، اهي پيغام اوهان کي ڏئي ڇڏينديون، جيڪڏهن اهي نه هونديون ته اسان جا ٻار بيهي رهندا. سڀني کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو، هن چيو ته اسان پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ اها جنگ جاري رکنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو