گجرات ۾ مسلمانن جو قتل: پاڪستان پاران ڀارت جو بيان رد

گجرات ۾ مسلمانن جو قتل: پاڪستان پاران ڀارت جو بيان رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان گجرات ۾ مسلمانن جي قتل عام بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت گجرات ۾ 2002ع ۾ ٿيل وڏي پيماني تي ٿيل قتل عام کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 2002ع ۾ ڀارتي گجرات ۾ خونريزي، ريپ ۽ ڦرلٽ شرمناڪ واقعا آهن، حقيقت اها آهي ته گجرات ۾ قتل عام ۾ ملوث ماڻهو عدالتي فيصلن کان بچي ويا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گجرات سانحي ۾ ملوث ماڻهو ڀارتي حڪومت ۾ اهم عهدن تي ويٺل آهن.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي اجلاس ۾ چيو هو ته اسامه بن لادن مري چڪو آهي پر گجرات جو قصاب جيئرو آهي ۽ ڀارت جو وزيراعظم بڻجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو