ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اهو ناممڪن آهي ته ڪينال جو مسئلو اعليٰ قيادت جي ڄاڻ کان سواءِ شروع ٿيو هجي. ڪينال جي مسئلي تي صدر آصف علي زرداري سان ضرور ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي هوندي.ڳالهه ٻولهه دوران مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان نٿا چاهيون ته سنڌ ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به گهٽجي وڃي. جڏهن کان مان وفاقي ڪابينا جو حصو بڻيو آهيان، ڪابينا ۾ ڪينالن جي مسئلي تي ڪو به ايجنڊا سامهون نه آيو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي، انهن وٽ سڀ فورم آهن، اهي پنهنجن مسئلن تي بحث ڪري سگهن ٿا، اسان جو موقف واضح آهي ته سنڌ جو پاڻي گهٽ نه ڪيو وڃي.










