ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن پنهنجن مطالبن جي منظوري لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي.احتجاج جي ڪري 40,000 کان وڌيڪ شاگرد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ٽيچرس ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته احتجاج گهر جي ڇت جي ڪرائي ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن لاءِ ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف، ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽيچرس ايسوسيئيشن کي موجوده مالي بحران بابت آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي گرانٽ ۽ بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط لکيو آهي.










