ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سياست ۾ انتقام جو عنصر ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ تمام هاڃيڪار آهي، ڪوبه ملڪ ۽ معاشرو انصاف کان سواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهي. سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنالن جي اڏاوت کان وٺي لکين ايڪڙ زمين ڪمپني سرڪار حوالي ڪرڻ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آهي، جيڪو ارسا قانون سميت جمهوري، آئيني ۽ عدل توڙي انصاف وارن اصولن خلاف آهي. اڳ ۾ به اهڙين ئي ناانصافين جي ڪري اسان جو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو. حڪمرانن جي اقتدار جي لالچ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي چالبازين سبب قومي پارٽين ۾ به خدشا وڌي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 26 جنوري تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ”پاڻي ڪانفرنس“ جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ لوئر سنڌ جي ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته پاڻي ڪانفرنس سنڌ جي اهم مسئلن جي حل لاءِ هڪ اهم قدم ۽ انشاءَ الله، پيپلز پارٽي جي ٻٽي معيار توڙي منافقت وارين پاليسين کي عوام آڏو بينقاب ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان موقعي تي صوبائي نائب امير افضال احمد آرائين، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا آفتاب ملڪ، سهيل احمد شارق، نواب مجاهد بلوچ، الطاف ملاح ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.










