ڪرڪ (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا.پوليس اختيارين موجب، سيڪيورٽي فورسز ڪرڪ جي مير ڪالام بانڊا علائقي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو، دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي صبح سوير آپريشن ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته سي ٽي ڊي ۽ پوليس ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جي لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










