ڪراچي ۾ گرمي جي لهر برقرار، پارو 44 ڊگري ٿي ويو

ڪراچي ۾ گرمي جي لهر برقرار، پارو 44 ڊگري ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گرمي جي شدت اڄ به برقرار آهي، پارو 44 ڊگري تائين پهچي ويو، موسميات کاتي موجب شهر اڄ به بدترين گرمي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ گرمد پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جڏهن ته هوا ۾ نمي 5 سيڪڙو آهي، موسميات کاتي موجب هن کان اڳ 14 اپريل 1947 تي ڪراچي جو گرمي پد 44.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو، شهر ۾ شام کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد گرمي پد ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، واضح رهي ته ڪراچي ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان شديد گرمي جي لهر جاري آهي، جنهن ۾ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 41.5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي..

پهنجو تبصرو موڪليو