ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات جي ماهر انجم نذير هن مهيني ڪراچي ۾ 2 کان 3 ڀيرا مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. انجم نذير چيو ته ڪراچي ۾ 9 کان 11 جولاءِ تائين هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.هن چيو ته جولاءِ جي وچ کان ڪراچي ۾ 2 کان 3 ڀيرا مينهن پئجي سگهي ٿو ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ به هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي.موسميات جي ماهر موجب، مون سون جون برساتون هن وقت ملڪ جي مٿانهين حصن کي متاثر ڪري رهيون آهن. پنجاب جي مٿانهين ۽ اتر اوڀر وارن حصن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته چراٽ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 92 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. هن وقت ملڪ ۾ ڪٿي به ڪڪر ڦاٽڻ جي صورتحال ناهي.










